آتمارام لعلواڻي

آتِمارام لَعلواڻي: آتما رام پرمانند لعلواڻي، 21 اپريل 1924ع تي سکر (سنڌ) ۾ ڄائو. مئٽرڪ تائين تعليم پرايائين. ورهاڱي کان پوءِ ڀارت لڏي ويو، جتي مڌيه پرديش پرڳڻي ۾، بيتول گنج ۾، رهائش اختيار ڪيائين. سکر مان هفتيوار ”پرجا سماچار“ ۽ ماهوار ”فلم سنگيت“ شايع ڪندو هو. اسٽيج ناٽڪن: ”بدنصيب“، ”موهني“، ”ڳوڙهن جي برسات“ ۽ ”ڌنوانن جي دنيا“ ۾ اداڪاري ڪيائين. سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: ڏيتي ليتيءَ جا ڏنڀ (1945ع)، دل جا دکڙا (1972ع)، زخمي انسانيت (1973ع)، انتظار (1974ع)، پلاسٽڪ جي پُتلي (1975ع) ۽ نم جي ڇانوَ ۾ (1979ع).


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.04.21  عيسوي

آتما رام پرمانند لعلواڻي ، 21 اپريل 1924ع تي سکر ( سنڌ ) ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امانت علي خان
ريکا
جتوئي غلام رسول خان
ضياء الحق جنرل
جيلاني حنا
جانڪي ديوي ٿانواڻي
سيد غلام قادر شاهه ثاني نصرپوري
سيد محمد ڪامل شاهه
گرو تيغ سنگهه بهادر
بادل2
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون